پي آءِ اي جون سعودي عرب ويندڙ سڀ اڏامون ملتوي

اسلام آباد؛ سعودي سرڪار ڪورونا سبب سموريون عالمي اڏامون ملتوي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، سعودي سرڪار پاران لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته اڏامن تي هڪ هفتي لاءِ پابندي لڳائي وئي آهي، اها وڌائي به سگهجي ٿي، سعودي سرڪار جي اعلان کانپوءِ پي آءِ اي جون اڄ سعودي ويندڙ سموريون اڏامون ملتوي ڪيون ويون، پي آءِ اي ترجمان چيو آهي ته اجازتنامو ملڻ تائين سموريون اڏامون ملتوي رهنديون، اڏامون بحال ٿيندي ئي سمورن مسافرن کي ايڊجسٽ ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔