ٽن سالن کان لاڳيتو سڀني کان وڌيڪ ڪمائيندڙ آمريڪي يو ٽيوبر ٻارڙو

واشنگٽن: 9 سالن جو ريان جي لاڳيتو ٽئين سال يو ٽيوب تي سڀني کان وڌيڪ پئسا ڪمائيندڙ شخصيت بڻجي ويو جنهن 2020 ۾ 29.5 ملين ڊالر ڪمائي ورتا.ٽيڪساس سان تعلق رکندڙ ريان ڪاجي پنهنجي يو ٽيوب چينل ريان ورلڊ سان نون رانديڪن کي کولڻ ۽ ان سان کيڏڻ دوران هلندڙ سال 29.5 ملين ڊالر ڪمائي ورتا.ريان جي وٽ موجود برانڊڊ ڪپڙن ۽ رانديڪن جي ماليت تقريبن 200 ملين ڊالر آهي. دي گارڊين جي رپورٽ موجب ريان ڪاجي پنهنجي ٽي وي سيريز جي لاءِ مشهور آمريڪن ٽي وي چينل سان گڏ ملٽي ملين جي معاهدن تي به صحيحون ڪري چڪو آهي.واضح رهي ته ريان ڪاجي مارچ 2015 ۾ ٻين يو ٽيوبر ٻارن جي وڊيو سان متاثر ٿي يو ٽيوب وڊيوز ٺاهڻ جي شروعات ڪئي جنهن کان پوءِ ريان ڪاجي جي خاندان ان جو اصل سرنيم گوان کان ڪاجي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. ريان ڪاجي جو يو ٽيوب چينل جيڪو نه صرف پنج سال پراڻو آهي پر ان جي 41.7 ملين سبسڪرائبرز آهن جڏهن ته چينل جون وڊيوز 12 بلويوز حاصل ڪري چڪيون آهن.ريان ڪاجي هن وقت يو ٽيوب تي 9 چينل هلائي رهيو آهي پر هان ريان ڪاجي ۽ ان جي فيملي کي آمريڪي فيڊرل ٽريڊ ڪميشن طرفان جاچ جي حوالي سان خطرا پيش اچي رهيا آهن. ريان ۽ ان جي فيملي تي لڳايل الزامن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي ته ان جي وڊيوز ۾ اسپانسر کي مناسب طريقي سان ظاهر ناهي ڪيو ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔