سليم مانڊوي والا جا شيئرز منجمد ڪرڻ وارو معاملو، نيب پاران جواب جمع

اسلام آباد: سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سليم مانڊوي والا جا مبينا بي نامي شيئرز منجمد ڪرڻ واري معاملي ۾ نيب 136 صفحن تي ٻڌل جواب احتساب عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو. جواب ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪيس ۾ نيب جي ڪابه بدنيتي شامل ناهي، معاملو سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٺهيل جي آءِ ٽي ۾ سامهون آيو هو.نيب ڪڊني هلز پلاٽس جي غير قانوني الاٽمنٽس ۽ ٽرانزيڪشن جو مڪمل ريڪارڊ جواب سان گڏ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي،جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اعجاز هارون ڪڊني هلز فلڪ ۾ پلاٽس جا بيڪ ڊيٽ فائل تيار ڪيا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔