اسلام آباد جي ميئر جي چونڊ روڪڻ لاءِ داخل درخواستن تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد: هاءِ ڪورٽ اسلام آباد جي ميئر جي چونڊ روڪڻ لاءِ داخل درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ن ليگ ۽ پي ٽي آءِ جي اميدوارن جي اليڪشن روڪڻ جي استدعا جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ن ليگ موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن ڊپٽي ميئر کي نااهل ڪري امتيازي سلوڪ ڪيو.پي ٽي آءِ جي وڪيل جو چوڻ هو ته هڪ سال کان يو سي جي چونڊن کي روڪيو ويو آهي، انڪري ميئر جي چونڊ ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسلام آباد لوڪل گورنمنٽ ايڪٽ ۾ نقص آهن، اسلام آباد ۾ سڀني کان وڌيڪ طاقتور ماڻهو آهن، پر شهر کي نظر انداز ڪيو ويو آهي.اسلام آباد لاءِ نئون ماڊل آڻڻو پوندو، ان لاءِ الڳ اسيمبلي قائم ڪرڻي پوندي.عدالت ڄاڻايو ته شهر کي تباهه ڪرڻ ۾ سي ڊي اي جو اهم ڪردار آهي، اسلام آباد جي پوش علائقن جو به خراب حال آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔