يارنهن فيبروري کان اڳ سينيٽ چونڊن جو شيڊيول غير آئيني هوندو: راڻا ثناءُ الله

لاهور: مسلم ليگ ن سينيٽ جون وقت کان اڳ چونڊن ڪرڻ جي عمل کي غير قانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته عدالت ۾ وڃڻ جو فيصلو پي ڊي ايم جي قيادت ڪندي.راڻا ثناءُ الله چيو ته 11 فيبروري کان اڳ سينيٽ چونڊن جو شيڊيول اچي ٿو ته اهو غير آئيني هوندو.هن چيو ته 11 فيبروري کان اڳ سينيٽ چونڊن جو شيڊيول جاري ٿيو ته پي ڊي ايم جي قيادت جي مشوري سان عدالت ۾ وينداسين.راڻا ثناءُ الله چيو ته هنن کي اليڪشن ڪميشن کان ڪابه اهڙي اميد ناهي ته اها غير قانوني قدم کڻندي.هن چيو ته فيبروري ۾ ئي شيڊيول ڏيڻو آهي ته ڪهڙو فرق پوندو ته چونڊون 8 مارچ بدران 3 مارچ تي ڪرايون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔