ڀارت ۾ هارين احتجاج سخت ڪرڻ لاءِ ملڪي سطح تي هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو

نئين دهلي: ڀارت ۾ هارين احتجاج سخت ڪرڻ لاءِ ملڪي سطح تي هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو.

تفصيل موجب ڀارت ۾ هارين جو احتجاج ٻارهين ڏينهن به جاري آهي ، جڏهن ته زيادتين خلاف لنڊن ۾ به ڀارتي هاءِ ڪميشن جي آڏو سکن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو .

واضح رهي ته هن سال سيپٽمبر جي مهيني ۾ مودي سرڪار زرعي سڌارن جي نالي تي هڪ نئون قانون منظور ڪيو هو جنهن تحت اهم زرعي جنسن جي گهٽ کان گهٽ اگهن مقرر ڪرڻ تي حڪومت جو ڪنٽرول مڪمل طور تي ختم ڪندي خانگي سيڙپڪارن کي آزادي ڏني وئي آهي  ته اهي هارين سان سڌو سنئون اگهه طئي ڪري پنهنجي من پسند قيمت تي زرعي جنسون خريد ڪري سگهن .

ان بل جي منظوري کانپوءِ ڀارتي هارين جو احتجاج جاري آهي ۽ تازوئي ”دهلي هلو“ مهم هيٺ لکين هاري ڀارت جي گادي واري شهر دهلي جو گهيراءُ ڪري چڪا آهن .

هارين حڪومت پاران تڪراري زرعي قانونن ۾ ترميم جي آڇ کي به رد ڪري ڇڏيو آهي ، هاري تنظيم  بي جي پي اڳواڻ جا متعارف ڪرايل  زرعي قانون واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري رهي آهي ، هاري اڳواڻن اڱاري تي سڄي ملڪ ۾ هڙتال ۽ احتجاج سخت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔