لاهور: جلسو ڪرڻ تي(ن) ليگ جي مرڪزي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي مرڪزي اڳواڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس لاهور جي علائقي گلشن راوي ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب شيراڪوٽ ٿاڻي ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ 500 ڄڻن جا نالا نامزد ڪيا ويا آهن. نامزد ماڻهن ۾(ن) ليگ جا اڳواڻ به شامل آهن.

علائقي جي پوليس ذميوار ذريعن کي چيو آهي ته داخل ڪيس ۾ ڪورونا کان بچاءُ واري ايڪٽ 2020 جا قلم شامل ڪيا ويا.

پوليس ذريعن موجب داخل ڪيل ڪيس ۾ سردار اياز صادق، جاويد لطيف، خواجه سعد رفيق، مهر اشتياق، رانا مشود، عطا تارڙ، ارشد گجر، جاويد سرور ڀٽي، مشتاق واگي، اشرف بتهوڙي ۽ عامر فاروق کي نامزد ڪيو ويو آهي.

اعتبار جوڳن ذريعن ٻڌايو آهي ته ڪيس ۾ ملڪ شهزاد، عامر شاهه، ملڪ ذيشان، عابد ڀٽي ۽ مهر شبير کي به نامزد ڪيو ويو آهي.

هوڏانهن راولپنڊي ۾ به ريلي ڪڍڻ تي پاڪستان مسلم ليگ(ن) ۽ جي يو آءِ(ف) جي اڳواڻن خلاف به ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. داخل ڪيس ۾ اڳوڻي راولپنڊي جي ميئر ملڪ ابرار کي نامزد ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔