نيوزيلينڊ ۾ موجود قومي اسڪواڊ کي آئسوليشن ختم ڪرڻ جي اجازت ملي وئي

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تصديق ڪئي آهي ته نيوزيلينڊ ۾ قومي اسڪواڊ کي مينجڊ آئسوليشن ڇڏڻ جي اجازت ملي وئي آهي.

پي سي بي موجب اسڪواڊ ۾ شامل 51 ميمبر سڀاڻي ڪرائسٽ چرچ جي مينجڊ آئسولسيشن ڇڏي ڏيندا. اسڪواڊ مينجڊ آئسوليشن ڇڏي ويجهين هوٽلن ۾ پهچي ويندا. مينجڊ آئسوليشن ڇڏڻ کان پوءِ اسڪواڊ  مٿان ڪورونا ايس او پيز لاڳو نه هوندا. قومي اسڪواڊ جي گذريل ڏينهن ڪيل ڪورونا ٽيسٽ جي رپورٽ ناڪاري آئي آهي.

نيوزيلينڊ ۾ موجود قومي اسڪواڊ جو آخري هيلٿ چيڪ اپ سڀاڻي ٿيندو. هڪ ميمبر آڪلينڊ کان ڪوئنز ٽائون ۾ اسڪواڊ کي جوائن ڪندو. نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ به تصديق ڪئي آهي ته صحت واري وزارت جي منظوري کان پوءِ ڪالهه اسڪواڊ مينجڊ آئسوليشن ڇڏي ڏيندو. ڪوئنز ٽائون ۾ ٽي 20 ۽ ٽيسٽ سيريز کان اڳ ٽريننگ ٿيندي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٽي 20 سيريز جي شروعات 18 ڊسمبر کان ٿيندو.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ نيوزيلينڊ جي خلاف ٽي 20 لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو هو. ٽيم جي اڳواڻي بابر اعظم ۽ نائب ڪپتان شاداب خان هوندا.

سرفراز احمد ۽ حسين طلعت جي ٽي 20 اسڪواڊ ۾ واپسي ٿي آهي. محمد رضوان، حيدر علي، محمد حفيظ، افتخار احمد، خوشدل شاهه، حسين طلعت، محمد حسنين، حارث رئوف، شاهين آفريدي، عثمان قادر، وهاب رياض، فهيم اشرف، عماد وسيم ۽ عبدالله شفيق به اسڪواڊ ۾ شامل آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔