خيبر ٽيچنگ اسپتال واقعو، ڊائريڪٽر سميت 9 ڄڻا معطل

پشاور:  خيبر ٽيچنگ اسپتال ۾ آڪسيجن جي کوٽ بابت رپورٽ جي نتيجي ۾ ڊائريڪٽر سميت عملي جي 9 ميمبرن کي معطل ڪيو ويو آهي.

رپورٽ موجب فيڪلٽي ميمبر، ميڊيڪل انجنيئر، سپلائي مينيجر، بايٽو ميڊيڪل انجنيئر ۽ ڊيوٽي ائمپلائي آڪسيجن کي به معطل ڪيو ويو آهي. بورڊ آف گورنرز پنهنجي شروعاتي رپورٽ ۾ آڪسيجن پلانٽ جي 3 ڄڻن کي غفلت جو ذميوار قرار ڏنو آهي.

رپورٽ موجب آڪسيجن سپلائي جو ٺيڪو پاڪستان آڪسيجن ڪمپني کي ڏنو ويو جنهن گهربل مقدار نه ڏني. غير تربيت يافته عملو ڊيوٽي تي مقرر هو ۽ بايٽو ميڊيڪل انجنيئر پنهنجا فرض پورا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. اسپتال ۾ ايمرجنسي جي صورت ۾ ڪنهن به قسم جو ڪوبه ريسڪيو اسڪواڊ موجود نه هو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسپتال انتظاميه آڪسيجن عملي جي تربيت ۽ نگراني ۾ ناڪام نظر آئي. شروعاتي رپورٽ موجب رات 12 لڳي 40 منٽن تي آپريشن ٿيٽر مان آڪسيجن سپلائي گهٽ ٿيڻ جي اطلاع ملي. آڪسيجن پلانٽ جي ٽيڪنشين ٻڌايو ته ٽينڪ مڪمل خالي آهي جنهن کان پوءِ اسپتال جو ڊائريڪٽر ۽ ٻيو عملو فوري طور تي  پهتو ۽ گيجز جي لاءِ اسٽور جا تالا ٽوڙيا ويا.

آئسوليشن وارڊ جي لاءِ 30 سلينڊر فوري طور تي اشو ڪيا ويا. بورڊ آف گورنر پنهنجي رپورٽ ۾ سفارش ڪئي آهي ته پاڪستان آڪسيجن ڪمپني جي معيار کي ڏٺو وڃي ۽ تربيت يافته عملو مقرر ڪيو وڃي. ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ تربيت يافته ريسڪيو اسڪواڊ اسپتال ۾ مقرر هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔