موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: موسميات کاتي اڄ کان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

مري ۾ اڄ  ۽ سڀاڻي کان برفباري جو امڪان آهي. گليات ۾ به برفباري جو امڪان آهي. اسلام آباد، راولپنڊي، لاهور، گوجرانواله، سيالڪوٽ ۽ پشاور سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ڪڪر وسندا.

موسميات کاتي موجب مغربي هوائون مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿيڻ سبب اڄ ۽ سڀاڻي کان برسات پوندي. برساتن جو سلسلو اربع جي صبح تائين جاري رهي سگهي ٿو.

خيبرپختونخواهه ۾ پي ڊي ايم اي صلعي انتظاميه کي الرٽ  رهڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. وفاقي گادي واري شهر اسلام اباد ۾ ٿڌ  ۾ واڌ ٿي وئي آهي.

موسميات کاتي ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔