اسٽاڪ مارڪيٽ، انڊيڪس 1 لک 71 هزار پوائنٽن جي حد تي بحال

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هاڪاري (مثبت) رجحان سبب هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 71 هزار پوائنٽن جي سطح تي بحال ٿي ويو.ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي، 3600 کان وڌيڪ پوائنٽن جي واڌ سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 71 هزار 519 پوائنٽن جي سطح تي پهچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 67 هزار 844 پوائنٽن جي سطح تي بند ٿيو هو.

تبصرے بند ہیں۔