ايران سان جوهري معاهدو بحال ڪرڻ کان اڳ آمريڪا عرب ملڪن سان صلاح ڪري:سعودي عرب

منامه: سعودي عرب آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته پائيدار معاهدي لاءِ ايران سان جوهري معاهدو ڪرڻ کان اڳ عرب ملڪن سان صلاح مشورو ڪيو وڃي.
عالمي خابرو اداري موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا جي نئين حڪومت عرب ملڪن سان صلاح مشوري کانسواءِ ايران سان جوهري معاهدو ڪيو ته اهڙو معاهدو پائيدار ۽ مضبوط نه هوندو.
سعودي جي پرڏيهي وزير بحرين ۾ سيڪيورٽي ڪانفرنس جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته ڪو به ڪامياب ۽ پائيدار معاهدو صرف علائقائي شرڪتداري سان مشورو ڪري ئي حاصل ٿي سگهي ٿو، اسان اميد ٿا ڪريون ته آمريڪا ايران سان معاهدي جي بحالي کان اڳ اسان سان به صلاح مشورو ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔