هڪ ڪروڙ فالورز وارو پهريون پاڪستاني ٽڪ ٽاڪر ڇوڪرو …

لاهور: لپ سنڪنگ ايپ ٽڪ ٽاڪ هڪ اهڙو پليٽ فارم آهي جتي عام صارفين به پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاري ٿوري ئي وقت ۾ مشهوري حاصل ڪري سگهن ٿا ۽ ائين ئي پاڪستاني ٽڪ ٽاڪر ذوالقرنين حيدر به ڪيو.ذوالقرنين هڪ اهڙي ٽڪ ٽاڪر سليبرٽي آهي جيڪو مشهور پاڪستاني ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا ۽ ڪنول آفتاب کان پوءِ ڇوڪرن ۾ هڪ ڪروڙ فالورز جو اعزاز حاصل ڪندڙ پاڪستان جو پهريون ٽڪ ٽاڪر بڻجي ويو آهي. بهترين شخصيت جو مالڪ باصلاحيت ذوالقرنين سڪندر نه صرف ڪامياب ٽڪ ٽاڪر آهي پر وي لاگر به آهي جيڪو ٿوري ئي عرصي ۾ تمام گهڻي مشهوري ۽ مداحن جو ڌيان به حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي.ذوالقرنين سڪندر 2018 ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ ٽڪ ٽاڪ تي وڊيو ٺاهڻ جي ذريعي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ ان کان پوءِ هو ٿوري ئي عرصي ۾ پنهنجي جاندار اداڪاري جي بدولت مشهور ٿي ويو. هن وقت ذوالقرنين سڪندر خانگي چينل جي ڊرامي ۾ اداڪاري ڪري رهيو آهي ۽ جلد ئي هو تڪ ٽاڪ اسٽارجنت مرزا ۽ علشبه انجم سان گڏ شارٽ فلم(بابا جي کي بوٽي) ۾ به اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي نظر ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔