فرانس ۾ صدر خلاف پرتشدد مظاهرا شروع، مارڪيٽن تي حملا، گاڏين کي باهيون

پيرس: فرانس ۾ داخلي سلامتي جي لاءِ ٺاهيل قانون جي خلاف پرتشدد مظاهرا شروع ٿي ويا آهن.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب هزارين ماڻهن حڪومتي قانون جي خلاف روڊن تي نڪري آيا جنهن جو ڪيترن ئي هنڌن تي پوليس سان ٽڪراءُ ٿيو. مڇريل مظاهرين پوليس تشدد جي خلاف مظاهرن دوران ڪيترن ئي دڪانن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي جڏهن ته ڪيترين ئي گاڏين کي باهه به ڏئي ڇڏي.فرانسيسي خبرون ڏيندڙ اداري پاران جاري ڪيل تفصيلن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پيرس جي مرڪزي شاهراهه تي هزارين ماڻهو مظاهري جي لاءِ نڪتا. ان مان ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪارا ڪپڙا پاتل هئا ۽ انهن جي منهن تي نقاب هئا. مظاهرين پوليس جي پرتشدد ڪارروائين ۽ صدر ميڪخوان جي سيڪيورٽي پاليسي جي خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا.مظاهري ۾ شامل ڪيترن ماڻهن جي هٿن ۾ بينر هئا جڏهن ته ڪيترن وٽ هٿوڙا به هئا جنهن جو پوليس سان ٽڪراءُ به ٿيو جنهن کان پوءِ هنن ڀڃ ڊاهه شروع ڪري ڏني. مظاهرين کي قابو ڪرڻ جي لاءِ پوليس ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو.مڇريل مظاهرين ڪيترين ئي دڪانن ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ ڪيترن ئي گاڏين ۽ سامان کي باهه ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته فرانس ۾ صدر ميڪخوان طرفان پوليس کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ متعارف ڪرايل قانون جي خلاف احتجاج جي سلسلي ۾ تيزي ايندي پئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔