سائبر ماهرين اينڊرائيڊ موبائل صارفين لاءِ يارنهن ايپليڪيشنز خطرناڪ قرار ڏئي ڇڏيون

لنڊن: سائبر ماهرين اينڊرائيڊ موبائل فون استعمال ڪندڙ صارفين کي 11 ايپليڪيشنز کان خبردار ڪري ڇڏيو آهي.ماهرن موجب يارنهن مشهور ايپليڪيشن جن مان وائبر ۽ بڪنگ سميت ٻيون ايپس شامل آهن جنهن جو استعمال خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. مذڪوره ايپليڪشن ۾ سيڪيورٽي نقص به مليا آهن جنهن سبب هيڪرز موبائل فون جا سمورا پاس ورڊز حاصل ڪري سگهن ٿا. ان ايپليڪشنز جي مدد سان موبائل فون ۾ موجود پاسورڊز، تصويرون ۽ وڊيوز سميت ٻئي ڄاڻ تائين پهچ حاصل ڪري سگهجي ٿي. نقصن جي نشاندهي کان پوءِ گوگل مسئلو حل ڪري ڇڏيو آهي پر امڪان آهي ته لکين اينڊرائيڊ صارفين ان مان متاثر ٿيا هوندا.ان کان اڳ اينڊرائيڊ موبائل فون ۾ دستاويزات اسڪين ڪرڻ واري مشهور ايپ گيم اسڪينر ۾ ميل ويئر جو انڪشاف ٿيو هو. گوگل خرابي سامهون اچڻ کان پوءِ هن ايپ کي پلي اسٽور مان ڪڍي ڇڏيو هو. مذڪوره ايپ 2010 کان پلي اسٽور تي موجود هئي ۽ ان کي پي ڊي ايف جا دستاويز اسڪين ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪيو ويو هو.ايپ کي 10 ڪروڙ کان وڌيڪ ڀيرا ڊائون لوڊ ڪيو ويو هو. گوگل پلي تي 18 لک ريويوز هن ايپ تي موجود هئا جن مان ڪيترائي مثبت هئا پر ايني وائرس ڪمپني ان جي خلاف جاچ ان وقت شروع ڪئي جڏهن منفي ريويوز جو انگ وڌڻ لڳو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔