ڪيويز خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ قومي ٽيم جو اعلان، سرفراز ۽ طلعت جي واپسي

لاهور :ٽوئنٽي سيريز لاءِ 18 رڪني قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ سرفراز احمد ۽ حسين طلعت جي واپسي ٿي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ڪيويز خلاف مختصر ترين فارميٽ جي سيريز لاءِ بابر اعظم ڪپتان ۽ شاداب خان نائب ڪپتان هوندو.
3 ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ اعلانيل 18 رڪني قومي اسڪواڊ ۾ بابر اعظم، شاداب خان، عبدالله شفيق، فهيم اشرف، حيدر علي، حارث رئوف، حسين طلعت، افتخار احمد، عماد وسيم، خوشدل شاهه، محمد حفيظ، محمد حسنين، محمد موسيٰ، محمد رضوان، سرفراز احمد، شاهين آفريدي، عثمان قادر ۽ وهاب رياض شامل آهن.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 18 ڊسمبر تي آڪلينڊ، ٻي ميچ 20 ڊسمبر تي هيملٽن، جڏهن ته آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 22 ڊسمبر تي نيپيئر ۾ کيڏي ويندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔