اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاران پي ڊي ايم جلسن تي پابندي واري درخواست رد

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ملڪ ۾ پي ڊي ايم سميت سمورن جلسن تي پابندي واري درخواست رد ڪري ڇڏي،چيف جسٽس اطهر من الله محفوظ ڪيل فيصلي ۾ ڄاڻايو ته پارليامينٽ ۽ ايگزيڪٽو ڪرونا جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. چيف جسٽس اطهر من الله پاران جاري ڪيل فيصلي ڄاڻايو آهي ته درخواست گذار پارليامينٽ ۽ ايگزيڪٽو اٿارٽيز تي اعتماد ڪري، عدالت ڪيس ۾ اضافي آئيني اختيار استعمال ڪرڻ نٿي چاهي. ان کان اڳ ڪرونا سبب پي ڊي ايم جي جلسن ۽ جلوسن تي پابندي لاءِ اسلام آباد ھائيڪورٽ درخواست ٻڌڻ جوڳي ھجڻ جي حوالي سان فيصلو محفوظ ڪري ورتو هو. چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته پارليامينٽ تي اعتبار ڪريو، جيڪو ڪم ان جو آھي، اھو ان کي ڪرڻ ڏنو وڃي. ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪرونا جي حوالي سان جڏھن سوسائٽي ذميواري جو مظاھرو نٿي ڪري ته عدالت مداخلت ڇو ڪري؟. چيف جسٽس ڄاڻايو ته اھڙي قسم جا معاملا عدالت ۾ نه اچڻ گهرجن، اين سي او سي جي فيصلن تي عمل ضروري آھي. عدالت افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڪرونا جي موجوده صورتحال ۾ سڀ کان گهڻو متاثر غريب ماڻھو ٿي رھيو آھي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔