ڪرونا جي ٻي لهر دوران مثبت ڪيسز ۾ اضافو ٿي رهيو آهي: شبلي فراز

اسلام آباد: وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ڪرونا جي ٻئي لهر شدت اختيار ڪري چڪي آهي، مثبت ڪيسز ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي وفاقي وزير چيو ته وزير اعظم عمران خان ڪرونا جي پهرين لهر ۾ عوام جي زندگين ۽ روزگار کي قائم رکندي ڪامياب حڪمت عملي اپنائي، جنهن جي سموري دنيا واکاڻ ڪري رهي آهي. هن چيو ته ٻئي لهر کي منهن ڏئي رهيا آهيون، هن ڀيري وڌيڪ اثرائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير چيو ته عوام کي اپيل آهي ته اهو ڪرونا وبا جي ٻئي لهر کي سامهون رکندي ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔