اسحاق ڊار ۽ گلگت جي اڳوڻي وڏي وزير مهدي شاهه خلاف نيب انڪوائريز جي منظوري

اسلام آباد: نيب جي ايگزيڪٽو بورڊ ٻن ريفرنسز، 7 انڪوائريز ۽ ٽن انويسٽيگيشنز جي منظوري ڏئي ڇڏي. نيب جي چيئرمين جسٽس جاويد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ناڻي جي اڳوڻي وزير اسحاق ڊار ، گلگت جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پ پ اڳواڻ مهدي شاهه ۽ ٻين خلاف انڪوائريز جي منظوري ڏني وئي. نيب پڌرائي موجب سي ڊي اي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر اسد الله خلاف ۽ اڳوڻي سفير اي ايس بابر هاشمي خلاف ڪرپشن ريفرنس جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي نيب چيئرمين چيو ته احتساب سڀني لاءِ جي پاليسي تي عمل ڪري رهيا آهيون..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔