ڪورونا دوران هڪ ٻي بيماري سبب لکين انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو

جنيوا: ڪورونا وائرس جي عالمي وبا سبب هن سال مليريا جي ڪري تقريبن هڪ لک تائين واڌو انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي.
اها ڳالهه صحت جي عالمي اداري طرفان جنيوا ۾ ٻڌائي وئي آهي.
ڊبليو ايڇ او موجب ڪورونا وائرس سبب ڪيترن ئي ملڪن پنهنجون سرحدون ۽ صنعتون به بند ڪري ڇڏيون، جنهن جي نتيجي ۾ مليريا جي روڪٿام لاءِ دوائن ۽ مڇرن کان بچاءَ لاءِ استعمال ٿيندڙ مڇر دانين جي پهچ ۾ واضح طور خلل پيو.
صحت جي عالمي اداري چيو آهي ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهي مالي وسيلا به ڪورونا خلاف قدمن تي استعمال ڪيا ويا، جيڪي مليريا جي روڪٿام لاءِ رکيل هئا.
ڊبليو ايڇ او موجب گذريل سال مليريا سبب سڄي دنيا ۾ 4 لک 9 هزار ماڻهو فوت ٿيا هئا، جن مان اڪثريت جو واسطو آفريقا سان هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔