بلاول سان شاديءَ جي خبرن تي مهوش حيات جو ردعمل

ڪراچي : من موهڻي اداڪارا مهوش حيات پنهنجي شاديءَ جي حوالي سان خبرن تي ردعمل ڏئي ڇڏيو.
تازو اداڪارا مهوش حيات جي انٽرويو جي هڪ ڪلپ وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ هوءَ چئي رهي آهي ته مون کي بلاول ڀٽو زرداري سان شادي ڪرڻ ۾ ڀلا ڪهڙو اعتراض ٿي سگهي ٿو.
سوشل ميڊيا تي اها ويڊيو ايتري وائرل ٿي وئي جو هر ڪو مهوش حيات جي شاديءَ جا چرچا ڪرڻ لڳو.
هاڻ اداڪارا مهوش حيات سوشل ميڊيا تي شادي جي حوالي سان خبرن تي ردعمل ڏنو آهي.
مهوش حيات ٽوئيٽر تي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته مان شادي لاءِ ڪنهن جي به چونڊ ڪيان اهو منهنجو فيصلو آهي ۽ جڏهن ائين ٿيو ته ماڻهن کي خبر پئجي ويندي.
هن وڌيڪ لکيو ته ميچ ميڪنگ نه ڪيو ۽ 2 سال پراڻي انٽرويو ۾ مطلب کان هٽي ڳالهيون ۽ هيڊ لائنز نه بڻايو.
اداڪارا مزاحيا انداز ۾ لکيو ته ”اور ڀي غم همي زماني ۾ شادي ڪي سوا“.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔