سجل علي عالمي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو

ڪراچي: من موهڻي اداڪارا سجل علي کي فلم ۽ ٽي وي لاءِ متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي تي عالمي ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.
ڊسٽنڪٽف انٽرنيشنل عرب فيسٽيول ايوارڊ جي چوٿين ايڊيشن جي تقريب دبئي ۾ ٿي، جنهن ۾ سڄي دنيا مان ناليوارين شوبز شخصيتن شرڪت ڪئي، جن ۾ پاڪستاني اداڪارا سجل علي به شامل هئي.
تقريب ۾ پاڪستاني اداڪارا سجل علي کي فلم ۽ ٽي وي لاءِ بهترين خدمتن ۽ متاثر ڪندڙ ڪارڪردگي تي ايوارڊ سان نوازيو ويو.
ان موقعي تي سجل علي چيو ته هتي هجڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، خاص طور اهڙن زبردست اداڪارن سان گڏ هجڻ، سڀني مداحن جي ٿورائتي آهيان، جن مون تي اعتماد ڪيو.
سجل علي انسٽاگرام تي پڻ ايوارڊ سان گڏ پنهنجي تصوير جاري ڪندي لکيو ته اهو ايوارڊ مون لاءِ ڏاڍو اهم آهي، هڪ اداڪارا نه پر هڪ پاڪستاني طور.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔