صدارتي چونڊون: ٽرمپ جو سپريم ڪورٽ تي به شڪ

واشنگٽن: صدارتي چونڊن ۾ شڪست جو منهن ڏسندڙ ڊونلڊٽرمپ آمريڪي سپريم ڪورٽ تي به شڪ جو اظهار ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر ڊونلڊٽرمپ سپريم ڪورٽ تي شڪ جو اظهار ڪندي چيو ته نٿو لڳي سپريم ڪورٽ اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي الزام جو ڪيس ٻڌندي.
ڊونلڊٽرمپ چيو ته کيس وٽ ڪيترائي ثبوت ۽ حلف نامه آهن پر سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻ تمام گهڻو مشڪل آهي، پر چونڊ نتيجن خلاف هو پنهنجي جنگ جاري رکيو ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔