ٽڪ ٽاڪ جو جنون: ڪراچي ۾ سيڪيورٽي گارڊ پنهنجي ئي گولي لڳڻ سبب فوت

ٽڪ ٽاڪ وڊيو جي جنون هڪ ٻئي حياتي کسي ورتي. ڪراچي ۾ سيڪيورٽي گارڊ پنهنجي ئي گولي لڳڻ سبب حياتي وڃائي ويٺو.رپورٽ موجب ڪراچي جي علائقي گلشڻ معمار ۾ فلورملز تي مقرر سيڪيورٽي گارڊ انور علي پنهنجو ئي هٿيار هلڻ سبب فوت ٿي ويو. گارڊ ٽڪ ٽاڪ وڊيو ٺاهڻ جي لاءِ پنهنجي هٿيار ۾ گولي لوڊ ڪئي جيڪا اوچتو هلي وئي.دوست موبائيل سان وڊيو ٺاهي رهيو هو ۽ هو کيس منع ڪري رهيو هو ته نه ڪر هي خطرناڪ راند آهي. ائين ئي اوچتو گولي هلڻ سبب سيڪيورٽي گارڊ انور علي هيٺ زمين تي ڪري پيو ۽ ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔