برطانوي پرڏيهي وزير ملڪ ۾ ڪورونا جي ٽئين لهر جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا

لنڊن: برطانوي پرڏيهي وزير ڊومينيڪ راب برطانيه ۾ ڪورونا وبا جي ٽئين لهر جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب برطانوي پرڏيهي وزير ڊومينيڪ راب جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن پابنديون صحيح طريقي سان نه لڳايون ويون ته ڪورونا جي ٽئين لهر جو به امڪان وڌي سگهي ٿو.برطانوي پرڏيهي وزير چيو ته ڪورونا وائرس تي قابو ڪرڻ جي لاءِ لاڪ ڊائون کان پوءِ لاڳاپيل پابندين جو لاڳو ٿيڻ ضروري آهي.ياد رهي ته برطانيه ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو انگ 16 لک کان مٿي ٿي ويو آهي جڏهن ته وائرس سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 58 هزار کان وڌيڪ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔