آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان چين جَي دفاع وارَي وزيرجي ملاقات

اسلام آباد : آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چين جَي دفاع وارَي وزير سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن، علائقائي سڪيورٽي ۽ دفاعي سهڪار وڌائڻ تي خيالن جِي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف علائقائي توڙي عالمي فورمز تي سمورن اهم معاملن تي پاڪستان جِي ڀرپور حمايت تي چين جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪ فوج چين سان مضبوط لاڳاپن جو قدر ڪري ٿي، ٻئِي ملڪ هڪٻئي سان گڏ بيٺل آهن، چيني وزير علائقائي امن ۽ سِي پيڪ منصوبن لاءِ محفوظ ماحول ڏيڻ لاءِ پاڪ فوج جِي ڪوششن جِي واکاڻ ڪئي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي سهڪار وڌائڻ لاءِ مفاهمتي يادداشت تي به صحيحون ڪيون ويون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔