آصفه ڀٽو جي سياست ۾ اچڻ تي جهانگير ترين جو پٽ علي ترين به متاثر

اسلام آباد: آصفه ڀٽو زرداري جي سياست ۾ انٽري تحريڪ انصاف جي اڳواڻ جهانگير ترين جي پٽ علي ترين کي به متاثر ڪري ڇڏيو آهي.

اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن پنجاب کان سياست جي شروعات ڪئي. ملتان ۾ اپوزيشن اتحاد جي  جلسي کي هن خطاب ڪيو ۽ ان دوران هو ماڻهن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهي.

جلسي ۾ عوامي سطح تي آصفه کي تمام گهڻي موٽ ڏني وئي. آصفه ڀٽو زرداري جي سياست ۾ انٽري تي تحريڪ انصاف جي اهم اڳواڻ جهانگير ترين جي پٽ علي ترين کي به تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي.

ٽوئٽر تي علي ترين آصفه ڀٽو جي تعريف ڪندي چيو آهي ته سياسي مخالفت پنهنجي جڳهه پر آصفه ڀٽو زرداري جي سياست ۾ انٽري زبردست آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔