ناليواري تعليمي ماهر، حنيد لاکاڻي جوسنڌ جي تاريخ کي ڪتابي صورت ڏيڻ جوعزم، ميگا پروجيڪٽ جي شروعات

ڪراچي: ناليواري تعليمي ماهر،سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ حنيد لاکاڻي سنڌ جي اوائلي ۽ زرخيز تاريخ کي ڪتابي صورت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ، ميگا پروجيڪٽ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي .

تفصيل موجب حنيد لاکاڻي هزارين سالن تي ٻڌل سنڌ جي تاريخ کي اسٽوري آف انڊس سِولائيزيشن  جي عنوان سان آڏو آڻي رهيو آهي ،سنڌ جي تاريخ تي ٻڌل اهو تصويري ڪتاب 2021 جي شروعات ۾ شايع ٿيڻ جو امڪان آهي .

حنيد لاکاڻي وائيس آف سنڌ سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ دنيا جي قديم ترين تهذيبن مان هڪ آهي ، هيءَ سماجي ترقي ، ڀائيچاري ۽ بين المذاهب مڪالمي جي فخر لائق تاريخ آهي، جنهن کي انگريزي ٻولي ۾ قلمبند ڪيو پيو وڃي . هن اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهو ڪتاب سنڌ کي عالمي معيارن موجب دنيا آڏو پيش ڪندو .

ان ميگا پروجيڪٽ جي ايڊيٽوريل ٽيم ۾ ڊاڪٽرعمير هارون، ناجيا مير، سيد فواد رضا ، اقبال خورشيد ۽ علي عابد سومرو شامل آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔