ملڪ کي تبديلي جي نالي تي يرغمال بڻايو ويو آهي.: شيري رحمان

اسلام آباد: پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته پ پ جمهوريت، آئين ۽ عوام جي حڪمراني تي ڪڏهن به ٺاهه نه ڪندي، اڄ ملڪ کي هڪ ٽولي تبديلي جي نالي تي يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي. پ پ جي 53هين يوم تاسيس تي پيغام ۾ شيري رحمان چيو ته هن ٽولي کان ملڪ ۽ جمهوريت کي آزاد ڪرائڻو آهي. هن چيو ته ڦاسيون، گوليون، بم ڌماڪا، ڪوڙا، جلاوطني ۽ قيد پيپلز پارٽي کي عوام ۽ آئين جي جدوجهد تان هٽائي نٿا سگهن، اڄ ملڪ کي تبديلي جي نالي تي يرغمال بڻايو ويو آهي. شيري رحمان چيو ته پيپلز پارٽي ۽ عوام کي اڄ به جمهوريت جي لباس ۾ ويٺل فاشسٽ حڪمرانن خلاف جدوجهد ڪرڻي آهي……….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔