سليڪٽر ۽ سليڪٽيڊ ٻئي گهٻرائي رهيا آهن: شاهد خاقان عباسي

ڪراچي: اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته سليڪٽر ۽ سليڪٽيڊ ٻئي گهٻرائي رهيا آهن ۽ ٻئي عوام جي تڪليفن جا ذميوار آهن، عوام جو ادارن تان ويساهه کڄي رهيو آهي، ادارا هڪٻئي جي ڪم ۾ مداخلت ڪندا ته ملڪ جو حال اهڙو ئي هوندو جيڪو اڄ ٿي رهيو آهي، سليڪٽيڊ حڪومت جي ڪري پاڪستان 6 سال پوئتي هليو ويو آهي، اڍائي سالن ۾ عمران خان جي حڪومت جو ڪو هڪڙو ڪم ٻڌايو جيڪو ٺيڪ ٿيو هجي.؟ ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته سليڪٽر ۽ سليڪٽيڊ ٻئي گهٻرائي رهيا آهن ۽ ٻئي عوام جي تڪليفن جا ذميوار به اهي ٻئي آهن.شاهد خان عباسي چيو ته سليڪٽيڊ حڪومت جي ڪري پاڪستان 6 سال پوئتي هليو ويو آهي، ايل اين جي جو بروقت معاهدو نه ٿيڻ سبب ملڪي ناڻي کي 122 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته عوام جو ادارن تان ويساهه کڄي رهيو آهي، ادارا هڪٻئي جي ڪم ۾ مداخلت ڪندا ته ملڪ جو حال اهڙو ئي هوندو جيڪو اڄ ٿي رهيو آهي. شاهد خاقان عباسي سوال ڪيو ته اڍائي سالن ۾ عمران خان جي حڪومت جو ڪو هڪڙو ڪم ٻڌايو جيڪو ٺيڪ ٿيو هجي.؟

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔