اين سي او سي پاران ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي تيزيءَ سان پکيڙ تي ڳڻتي ظاهر

اسلام آباد: اين سي او سي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي تيزيءَ سان پکيڙ تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي، ين سي او سي موجب ميرپور ۾ اڄ مثبت ڪيسز جي شرح سڀ کان وڌيڪ 27 ڏهائي 75 سيڪڙو رهي، مظفرآباد ۾ 23 ڏهائي 44 ۽ حيدرآباد ۾ 18 ڏهائي 21 رڪارڊ ڪئي وئي. وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ نيشنل ڪمانڊ ائنڊ آپريشن سينٽر جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران ماهرن پاران ڪرونا وائرس جي صورتحال ۽ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اين سي او سي موجب ميرپور ۾ اڄ مثبت ڪيسز جي شرح سڀ کان وڌيڪ 27 ڏهائي 75 سيڪڙو رهي، مظفرآباد ۾ 23 ڏهائي 44 ۽ حيدرآباد ۾ 18 ڏهائي 21 رڪارڊ ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 2 هزار 46 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جي تيزيءَ سان پکيڙ جاري آهي. وفاقي وزير اسد عمر ملڪ اندر ڪرونا وائرس جي تيزيءَ سان پکيڙ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون ۾ سختي ڪرڻ جي هدايت ڪئي……….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔