وزيراعظم عمران خان پاران مهاڻن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان کي مهاڻن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ سندن خوشحالي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم عمران خان سان سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير علي حيدر زيدي ملاقات ڪئي، جنهن دوران پورٽس جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وزيراعظم جي ڪامياب نوجوان پروگرام جي سهڪار سان مهاڻن کي آسان شرطن تي قرض ڏيڻ ۽ ڪراچي جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي وزيراعظم عمران خان کي مهاڻن کي مالي مدد فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ سندن خوشحالي لاءِ سموريون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي………

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔