ڀارت ايشيا جو ڪرپٽ ترين ملڪ قرار

’ڪراچي: بدعنواني جو جائزو وٺڻ واري عالمي اداري ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ڀارت کي ايشيا جو ڪرپٽ ترين ملڪ قرار ڏئي ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ايشيا کنڊ ۾ سڀ کان وڌيڪ 39 سيڪڙو بدعنواني ڀارت ۾ ٿي رهي آهي .

رپورٽ موجب 46 سيڪڙو ڀارتي سرڪاري ادارن ۾ ڪم ڪرائڻ لاءِ رشوت ڏيندا آهن جيڪا ايشيا ۾ سڀني کان وڏي شرح آهي .

رشوت ادا ڪرڻ واري ماڻهن ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل کي ٻڌايو ته رشوت ڏيڻ کان بغير ڀارت ۾ ڪو به ڪم نه ٿيندو آهي .

ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل موجب 17 ايشيائي ملڪن جي 20 هزار ماڻهن کان سروي ڪيو ويو ، جنهن مان معلوم ٿيو ته سڀ کان گهٽ رشوت وٺندڙ ملڪن ۾ جاپان ۽ مالديپ شامل آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔