ملڪ جي مختلف علائقن ۾ اڄ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهندو

اسلام آباد: موسميات  کاتي موجب ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم ٿڌو ۽ خشڪ رهندو.

اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ برسات سبب خشڪي ختم ٿي وئي آهي ۽ ٿڌ ۾ واڌ ٿي وئي آهي. پنجاب جي ميداني علائقن ۽ مٿانهين سنڌ ۾ سخت ڪوهيڙي جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخواهه ٿڌ جي وڪڙ ۾ رهندا.

جڏهن ته اتر بلوچستان جا جابلو علائقا ٿڏين هوائن جي وڪڙ ۾ رهندا. ساهيوال ۽ ڀرپاسي ۾ سخت ڪوهيڙي سبب ڏسڻ جي روشني گهٽ ٿي وئي آهي. فيصل آباد روڊ ۽ جي ٽي روڊ تي ڪوهيڙي سبب ٽريفڪ جي روانگي به متاثر ٿي آهي.

ساهيوال جي ٽريفڪ پوليس طرفان شهرين کي درخواست ڪئي وئي آهي ته شهري ڪوهيڙي ۾ غير ضروري سفر کان پاسو ڪن ۽ سفر دوران فوگ لائٽس جو استعمال ڪن. گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ اڄ برسات ۽ مٿانهين علائقن ۾ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔