ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت عدالتي حڪمن تي عمل ڇو نه ڪيو؟ سپريم ڪورٽ جو سنڌ جي وڏي وزير کي توهين عدالت جو نوٽيس

اسلام آباد: ڪراچي سرڪلر ريلوي بابت عدالتي حڪمن تي عمل ڇو نه ڪيو؟ سپريم ڪورٽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، ريلوي ۾ خساري بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته ڪي سي آر تي ڪم ٻن مهينن اندر مڪمل ٿيڻ گهرجي ها، ايف ڊبليو او ڪم شروع ڇو ناهي ڪيو؟ جنهن تي ايف ڊبليو او اختيارين چيو ته سنڌ سرڪار اڃا تائين منظوري ناهي ڏني، چيف جسٽس چيو ته هلو! سنڌ جي وڏي وزير کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪريون ٿا، عدالت ڪيس تي ٻڌڻي ٻن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔