ملڪ ۾ ڪورونا جا وار جاري، هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ چاليهه مريض حياتيون وڃائي ويٺا

اسلام آباد: ملڪ ۾ لاڳيتو ٻئي ڏينهن به 3 هزار کان مريضن ۾ ڪورونا وائرس جي سڃاڻپ ٿي آهي جنهن کان پوءِ ان وبا جي گڏيل ڪيسن جو انگ 43 هزار 963 تائين پهچي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 45 هزار 999 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ ڪيل ڪورونا 19 ٽيسٽس جو گڏيل انگ 53 لک 43 هزار 702 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 هزار 306 ڄڻن ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ ٿي آهي جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ هن وبا جو شڪار مريضن جو انگ 3 لک 86 هزار 198 تائين پهچي ويو آهي. اين سي او سي موجب سنڌ ۾ گڏيل مريضن جو انگ هڪ لک 67 هزار 381، پنجاب ۾ هڪ لک 16 هزار 506، خيبرپختونخواهه ۾ 45 هزار 828، بلوچستان ۾ 16 هزار 942، اسلام آباد ۾ 28 هزار 555، آزاد ڪشمير ۾ 6403 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4583 آهي.

گذريل ڏينهن هڪ هزار 418 مريضن هن وائرس کي شڪست ڏني آهي جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ هن وبا  کان کٽيندڙ مريضن جو انگ وڌي 3 لک 34 هزار 392 ٿي ويو آهي. سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وڌيڪ 40 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ هن وبا سبب فوت ٿي ويلن جو انگ 7843 ٿي ويو آهي.

جڏهن ته هڪ هزار 968 جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. ڪوروبا سبب سڀني کان وڌيڪ فوتگيون پنجاب ۾  ٿيون آهن جتي 2 هزار 923 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن. سنڌ ۾ 2 هزار 866، خيبرپختونخواهه هڪ هزار 344، بلوچستان ۾ 165، اسلام آباد 297، گلگت بلتستان 96 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 152 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔