مني لانڊرنگ ريفرنس: شهباز شريف جي گهر واري، پٽ، ڌيءَ ۽ ناٺي اشتهاري قرار

لاهور: احتساب عدالت مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف جي گهر واري نصرت شهباز ۽ پٽ سلمان شهباز کي مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

احتساب عدالت ۾ شهباز شريف خاندان جي خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. ڪيترائي ڀيرا طلب ڪرڻ جي باوجود ڪجهه جوابدار پيش ناهن ٿيا جنهن تي عدالت شهباز شريف جي گهر واري نصرت شهباز، پٽ سلمان شهباز کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

عدالت شهباز شريف جي ڌيءَ رابعه عمران ۽ ناٺي هارون يوسف کي به اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو. ان موقعي تي جج چيو ته 30 ڏينهن مڪمل ٿي ويا آهن پر جوابدار عدالت ۾ پيش ناهن ٿيا. سمورن جوابدارن کي اشتهار ذريعي طلب به ڪيو هو پر هو پيش ناهن ٿيا.

احتساب عدالت جي جج جوادالحسن ۽ نيب جي وڪيل عثمان جي راشد چيمه شهباز شريف کان ان جي والده جي وفات تي تعزيت ڪئي.

عدالت ۾ نيب جي گواهه ڊپٽي سيڪريٽري پنجاب اسيمبلي فيصل بلال ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اليڪشن ڪميشن خالد محمود بيان قلمبند ڪرايا جنهن کان پوءِ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 3 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔