ڪورونا جي ٻي لهر ۾ شدت اچڻ بعد ملڪ ۾ اڄ کان سمورا تعليمي ادارا بند

اسلام آباد/ڪراچي :ڪورونا جي ٻي لهر ۾ شدت اچڻ بعد ملڪ ۾ اڄ کان سمورا تعليمي ادارا بند ڪيا ويا ، اسڪولز، ڪاليجز ۽ يونيورسٽيز ۾ 24 ڊسمبر تائين آن لائين ڪلاسز جاري رهندا، 25 ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جون موڪلون ڪيون وينديون، ملڪ ۾ ڪورونا 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 40 مريضن جون حياتيون ڳڙڪائي ويو، گذريل ڏينهن رپورٽ پازيٽو اچڻ جي شرح 7.1 رڪارڊ، سول ايويئيشن اٿارٽي پرڏيهه مان ايندڙ مسافرن لاءِ نيون سفري هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، آسٽريليا، چين ۽ سعود عرب سوڌو ڪيٽيگري اي ۾ شامل ملڪن مان ايندڙ مسافر ڪورونا ٽيسٽ کان آجا قرار، ڪيٽيگري بي ۾ شامل ملڪن مان ايندڙ مسافرن لاءِ سفر کان 96 ڪلاڪ اڳ ڪورونا ٽيسٽ لازمي قرار ڏني وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔