آڪسفورڊ يونيورسٽي به ڪورونا کان بچاءَ جي وئڪسين ٺاهي ورتي

ڪراچي : آڪسفورڊ يونيورسٽي به ڪورونا کان بچاءَ جي وئڪسين ٺاهي ورتي، جنهن جي هڪ خوراڪ جو اگهه لڳ ڀڳ ساڍا 6 سئو رپيا هوندو.آڪسفورڊ يونيورسٽي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ڪووڊ نائنٽينٽ کان بچاءُ جي وئڪسين تيار ٿي چڪي آهي. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي پڌرائي موجب جن ماڻهن کي وئڪسين ٻه ڀيرا ڏني وئي، انهن ۾ وبا کان بچڻ جي شرح 70 سيڪڙو رهي، ۽ جن ماڻهن کي پهرين خوراڪ اڌ ۽ ٻي مڪمل ڏني وئي، انهن ۾ وائرس کان بچڻ شرح 90 سيڪڙو رهي، جيڪو حيران ڪندڙ عمل آهي. پڌرائي موجب وئڪسين کي فرج ۾ رکي سگهجي ٿو ۽ دنيا جي جنهن ۾ حصي ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو،آڪسفورڊ يونيورسٽي پاران تيار ڪيل وئڪسين جي هڪ خوراڪ جو اگهه لڳ ڀڳ ساڍا 6 سئو رپيا هوندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔