پاڪستان ۾ ڪورونا وڌيڪ 48 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون، 3 هزار نوان ڪيس ظاهر

اسلام آباد: ملڪ ۾ ڪورونا جي ٻئي لهر وڌيڪ 48 مريضن کان حياتيون کسي ورتيون آهن جڏهن ته 2 هزار 954 مريضن ۾ ان جي سڃاڻپ ٿي آهي.

اين سي او سي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جا 39 هزار 165 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. اهڙي طرح سڄي ملڪ ۾ گڏيل طور تي 52 لک 56 هزار 120 ٽيسٽ ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 2 هزار 954 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي. اهڙي طرح ڪورونا جي گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 79 هزار 883 تائين پهچي ويو آهي.

پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ هڪ لک 15 هزار 138، سنڌ ۾ هڪ لک 64 هزار 651، خيبرپختونخواهه ۾ 44 هزار 932، بلوچستان ۾ 16 هزار 846، اسلام آباد ۾ 27 هزار 555، گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 558، جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 6 هزار 203 آهي. اين سي او سي موجب ڪورونا سبب وڌيڪ 48 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

اهڙي طرح وبا سبب ملڪ ۾ فوت ٿي ويلن جو انگ 7 هزار 744 ٿي ويو آهي. پنجاب ۾ 2 هزار 879، سنڌ ۾ 2 هزار 845، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ هزار 330، بلوچستان ۾ 163، آزاد ڪشمير ۾ 147، گلگت بلتسان ۾ 95 جڏهن ته اسلام آباد ۾ 285 مريض فوت ٿي چڪا آهن.

24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 875 مريض ڪورونا سبب صحتياب به ٿيا آهن. اهڙي طرح ملڪ ۾ ڪورونا جي صحتياب مريضن جو انگ 3 لک 31 هزار 760 ٿي ويو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب  سڄي ملڪ ۾ هن وقت ڪورونا جي گڏيل فعال مريضن جو انگ 40 هزار 379 آهي.  جن مان هڪ هزار 751 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔