سعودي عرب شهزاده محمد بن سلمان جي اسرائيلي وزير اعظم سان ملاقات جي ترديد ڪري ڇڏي

رياضL سعودي عرب سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي اسرائيلي وزير اعظم سان ملاقات جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.
سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ۽ اسرائيلي اختيارين جي وچ ۾ ملاقات جي خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي.
هن چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو جي سعودي عرب جي دوري دوران اهڙي ڪا به ملاقات ناهي ٿي، ملاقات ۾ رڳو آمريڪي ۽ سعودي اختياريون شريڪ هيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔