پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي دوا جو ڪامياب ٽرائل

ڪراچي: ڊائو يونيورسٽي ڪراچي ۾ ڪورونا جي علاج جي دوا جي تياري جي دوا اهم مرحلي ۾ داخل ٿي وئي آهي.
ڊائو يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز جي انتظاميا دعويٰ ڪئي آهي ته ڪورنا ۾ سر بچائيندڙ دوا ”سي آءِ وي آءِ جي“ جو ڪامياب ڪلينيڪل ٽرائل جاري آهي.
انتظاميا موجب طبي آزمائش دوران انتهائي نگهداشت جي شعبي (آءِ سي يو) ۾ داخل ڪورونا جي بيمار مريضن جي صحت ۾ بهتري 60 سيڪڙو ۽ ڪورونا جي شديد بيمار مريضن ۾ ريڪوري 100 سيڪڙو رهي آهي.
ڊائو يونيورسٽي ۾ ڪورونا جي علاج لاءِ دوا جي تياري تي ڪم جو آغاز وائس چانسلر ڊائو يونيورسٽي پروفيسر محمد سعيد قريشي جي هدايت تي اپريل جي ٻئي هفتي ۾ ڪيو ويو هو ۽ ان دوران ڪلينيڪل ٽرائل جي لاءِ ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي پاڪستان (ڊريپ) جو سهڪار حاصل رهيو.
ماهرن موجب سي آءِ وي آءِ جي (انجيڪشن) ڪورونا مان صحتياب مريضن جي پلازما سان اينٽي باڊيز ذريعي تيار ڪيو ويندو آهي ۽ اِهو علاج جو طريقو پلازما ٿراپي کان بلڪل ئي مختلف آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔