سنڌ يونيورسٽي جي ماروي هاسٽل ۾ رهندڙ تيرنهن شاگردياڻين ۾ ڪورونا جي تصديق، هاسٽل سيل

ڄامشورو : سنڌ يونيورسٽي جي ماروي هاسٽل ۾ رهندڙ 13 شاگردياڻين ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ماروي هاسٽل کي سيل ڪيو ويو آهي.
ڪجهه ڏينهن اڳ گرلز هاسٽلن ۾ رهندڙ شاگردياڻين جي ڪورونا ٽيسٽ ورتي وئي هئي، جنهن بعد ماروي هاسٽل ۾ رهندڙ هڪ پرڏيهي شاگردياڻي سميت 13 شاگردياڻين جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. اهڙا نتيجا اچڻ کانپوءِ ڪورونا ۾ مبتلا پرڏيهي شاگردياڻي کي لمس اسپتال ڄامشورو جي قرنطينه سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين شاگردياڻين جي والدين سان رابطو ڪري کين اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد 5 شاگردياڻين کي سندن وارث وٺي ويا آهن.
سنڌ يونيورسٽي جي ترجمان نادر علي مغيري جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 13 شاگردياڻين ۾ ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ ماروي هاسٽل کي سيل ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔