اي ٽي پي ٽور ۾ وڏو اپ سيٽ، رافيل نڊال ۽ نواڪ جوڪووچ هارائي ويا

لنڊن: اي ٽي پي ٽور ۾ هڪٻئي پويان اپ سيٽ ٿي رهيو آهي، چيمپئن رافيل نڊال جڏهن ته عالمي نمبر ون نواڪ جوڪو وچ ٻئي شڪست کائي ويا.
تفصيل موجب لنڊن جي بليوٽينس ڪورٽ ۾ حيران ڪندڙ مقابلا جاري آهن، تجربي ڪار رافيل نڊال جو روسي رانديگر ميڊويڊف سان جوڙ ٿيو، پهريون سيٽ عالمي نمبر ٽو نڊال کٽيو، نوجوان رانديگر ڪم بيڪ ڪندي ٻيون ۽ پوءِ ٽيون سيٽ اپ کٽي گرينڊ سلم چيمپئن کي نڊهال ڪري ڇڏيو.
ان کان پهريان ميچ ۾ نمبر ون جوڪووچ ۽ آسٽريا جي ڊومنگ ٿيم آمهون سامهون ٿيا، اڀرندڙ رانديگر پهرئين سيٽ کان ئي ٽاپ سيڊ ڪوائف ٽائيم ڏنو، 7،5 جي جيت کانپوءِ ڊومنگ ٿيم کي 7،6 جي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
ٽئين ۽ حتمي رائونڊ ۾ کٽي وڏي ڪاميابي پنهنجي نانءُ ڪئي، ٽن ڪلاڪن تائين هلندڙ ان ميچ ۾ به وڏو اپ سيٽ ٿيو، ٽائٽل مقابلي مان نالي وارو رانديگر آئوٽ ٿي ويو، هاڻ ڊومنگ ٿيم ۽ ميڊويڊف وچ ۾ مقابلو ٿيندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔