پوليس جي سخت ڊيوٽي اهلڪار جون 4 مڱڻيون ٽوڙائي ڇڏيون

پوليس جو شعبو لڳ ڀڳ زندگي جي ٻين سمورن شعبن کان ڏکيو هوندو آهي جتي نه عيد تي موڪل هوندي آهي نه ئي ڪنهن ٻئي خاص ڏينهن تي ڀلي شادي مرادي يا فوتگي ئي ڇو نه هجي.
پر هتي ڳالهه ڪجهه گهڻي ئي اڳتي نڪري چڪي آهي، اسلام آباد ۾ وفاقي پوليس جي ڪانسٽيبل پنهنجي شادي نه ٿيڻ جو سبب کاتي جون مصروفيتون قرار ڏنيون آهن. پنجين مڱڻي تي موڪل وٺڻ لاءِ ڪانسٽيبل آفيسرن کي درخواست ڏئي ڇڏي.
ڪانسٽيبل درخواست ۾ چيو ته 35 سال عمر آهي، بدقسمتي سان هن وقت تائين ڪنارو آهيان، چار مڱڻيون موڪل نه ملڻ جي ڪري ٽٽي چڪيون آهن. هاڻ پنجين منڱڻي ٿي آهي، شادي جي تيارين لاءِ پنج ڏينهن جي موڪل ڏني وڃي ته احسانمند رهندس.
ڪانسٽيبل جي دلچسپ درخواست تي آفيسرن کي رحم اچي ويو. مظلوم پوليس واري کي موڪل ملي وئي. مجاز آفيسر جو چوڻ هو ته ڄاڻايل ڪانسٽيبل سال ۾ 26 موڪلون ڪري چڪو آهي. درخواستگذار جون چار موڪلون باقي آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔