ڪاميڊين ڀارتي سنگهه منشيات استعمال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار

نئين دهلي: ڀارت جي نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو ڀارتي ڪاميڊين ڀارتي سنگهه کي منشيات استعمال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب اين سي بي بالي ووڊ ۾ منشيات جي استعمال جي حوالي سان جاچ ڪري رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڀارتي سنگهه ۽ سندس مڙس کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هئي.
اين سي بي جو چوڻ آهي ته جڏهن سندن آفيسرن ڀارتي سنگهه جي ممبئي ۾ واقع گهر تي ڇاپو هنيو ته کين 86.5 گرام حشيش ملي، جاچ دوران ڀارتي ۽ سندس مڙس هڙس لمبا ڇيا گانجو استعمال ڪرڻ جو اعتراف ڪيو.
اين سي بي موجب ڀارتي سنگهه کي فوري طور تي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندس مڙس هرش جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔