شوبز ڇڏيندڙ ثنا خان عالم سان شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي وئي

ممبئي : بالي ووڊ کي الوداع چوندڙ اداڪارا ثنا خان عالم مفتي انس سان شادي ڪري ڇڏي.
اداڪارا ثنا خان ڪجهه وقت اڳ اوچتو شوبز کي الوداع ڪري مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو هو ۽ هن چيو هو ته مان باقي زندگي اسلامي اصولن تي عمل ڪري گذارينديس.
اڳوڻي اداڪارا عالم مفتي انس سان شادي ڪري ڇڏي آهي ۽ هوءَ ان تي ڏاڍي خوش به آهي.
ثنا خان جي شادي ڀارتي رياست گجرات جي شهر سورت ۾ ٿي ۽ نڪاح جي تقريب ۾ اداڪارا جي والدين سميت ويجهن عزيزن به شرڪت ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔