فخر زمان نيوزيلينڊ دوري کان ٻاهر

لاهور : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اوپننگ بيٽسمين فخر زمان نيوزيلينڊ دوري کان ٻاهر ٿي ويو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب آچر ڏينهن فخر زمان کي بخار جون علامتون ظاهر ٿيون، ڊاڪٽرن جي ٽيم طرفان ڪيترائي ڀيرا چيڪ اپ باوجود فخر زمان جو بخار نه گهٽيو، جنهن سبب ٽيم مئنيجمينٽ کيس نيوزيلينڊ نه موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پي سي بي موجب اسڪواڊ ۾ شامل ٻين رانديگرن ۽ سپورٽ اسٽاف جي صحت کي ڏسندي فخر زمان 23 نومبر جي صبح اسڪواڊ سان گڏ نيوزيلينڊ نه ويندو.
اختيارين چيو آهي ته بخار جي علامتن کانپوءِ فخر زمان کي مڪمل طور آئسوليٽ ڪيو ويو آهي ۽ ان حوالي سان پي سي بي جو ميڊيڪل پئنل ڪرڪيٽر سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ مڪمل صحتيابي تائين هن سان رابطي ۾ رهندو.
ٽيم مئنيجمينٽ فخر زمان جو متبادل نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
واضح رهي ته 21 نومبر تي اسڪواڊ جي ٻين ميمبرن سان گڏ فخر زمان جي ورتل ڪورونا ٽيسٽ جون نتيجو ناڪاري آيو هو پر هاڻ هن ۾ بخار جون علامتون ظاهر ٿيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔