مخالف ڌانڌلي جو دهل وڄائڻ جو نئون منصوبو تيار ڪندا: شبلي فراز

اسلام آباد: وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته بلاول-مريم ملاقات مان گلگت بلتستان چونڊن ۾ انهن پارٽين جي مات جي خبر پئي ٿي،هاڻ هي ڌانڌلي جو دهل وڄائڻ جو نئون منصوبو تيار ڪندا.ٽوئيٽ ڪندي وفاقي وزير چيو ته مخالفن لاءِ چونڊون صرف اهي شفاف آهن، جن ۾ هي ڪامياب ٿين.وفاقي وزير چيو ته اهڙيون ملاقاتون پي ڊي ايم جي اونداهي مستقبل کي روشن بڻائي نٿيون سگهن.واضح رهي ته گذريل ڏينهن بلاول ۽ مريم ۾ ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ گلگت جي چونڊن جي حوالي سان گڏيل حڪمت عملي جوڙي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔