وفاقي حڪومت گلگت جي چونڊن مان فارغ ٿي چڪي آهي: ناصر شاهه

ڪراچي: صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سروي تحت وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي چونڊن مان فارغ ٿي چڪي آهي، شهباز گل جو اليڪشن کٽڻ وارو اعلان حيران ڪندڙ آهي. وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گِل جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي ناصر شاهه چيو ته شهباز گل علي امين گنڊاپور کي وڏو اڳواڻ قرار ڏنو آهي، پي ٽي آءِ جي وڏي ليڊر جي ڪواليفڪيشن بداخلاقي، بدتميزي ۽ گار گند ڪرڻ آهي، اهڙا ليڊر پي ٽي آءِ کي مبارڪ هجن. هن چيو ته گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ اسين ڪنهن به صورت ۾ پي ٽي آءِ کي ڌانڌلي ڪرڻ نه ڏينداسين، وفاقي سرڪار هر محاذ تي ناڪام ٿي چڪي آهي. ناصر حسين شاهه چيو ته بيان بازي سان قد ڪاٺ وڌي ها ته گل صاحب کي پنجاب حڪومت فارغ نه ڪري ڇڏي ها.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔